نمبر 1 : جنهن ايپ کي توهان هر هر استعمال ڪريو ٿا ان جي لاءِ پنهنجي فون جي هوم اسڪرين تي وڌيڪ صُفحا رکي سگهو ٿا.
نمبر 2 : اسڪرين تي ساڄي کان کاٻي پاسي آڱر ڦيرائيندي توهان اڳئين صُفحي/اسڪرين تي وڃي سگهو ٿا.
نمبر 3 : واپس پهرين صُفحي تي اچڻ لاءِ اسڪرين تي کاٻي کان ساڄي پاسي آڱر ڦيريو.
نمبر 4 : اوهان جي فون جي اسڪرين تي ڪيترا صُفحا/اسڪرينون آهن، اِها ننڊڙن ننڊڙن نُقطن يا لائين جي ڊيگھ مان خبر پوندي.




