نمبر 1 . جيڪڏهن اوهان ڪنهن ويب سائٽ جا ڪنيڪشن ڏسو ٿا ۽ ٻيهر به ڏسڻ چاهيو ٿا ته ان کي محفوظ ڪرڻ لاء بوڪ مارڪ ڪري سگهو ٿا. ۔
نمبر 2 . گوگل ڪروم ايپ کي دٻايو۔
نمبر 3 . جيڪڏهن ڪنهن ويب سائٽ کي بوڪ مارڪ ڪرڻ چاهيو ٿا. مثال طور نادرا جي ويب سائٽ ته مينيو آئيڪن يا ٽِن نُقطن کي دٻايو
نمبر 4 . مينيو ۾ تاري واري نشان کي دٻايو، ويب سائيٽ بوڪ مارڪ ٿي وئي آهي.۔ نوٽ؛ تاري جو رنگ ان ڳالھ جي نشاندهي ڪندو ته ويب سائيٽ بوڪ مارڪ ٿي وئي آهي. ۔
نمبر 5 . پنهنجي پسند جي ويب سائيٽن تي ٻيهر وڃڻ لاء ڪروم ايپ کولڻ کان پوء ٽِن نُقطن واري مينيو بٽڻ کي دٻايو۔
نمبر 6 . بوڪ مارڪ جي آپشن کي دٻائڻ سان هڪ فهرست سامهون ايندي جِن کي اوهان بوڪ مارڪ ڪيو هوندو۔
نمبر 7 . جيڪا ويب سائيٽ ڏسڻ چاهيو ٿا اُن کي دٻايو۔
نمبر 8 . بوڪ مارڪ ڊليٽ ڪرڻ لاء ويب سائيٽ جي سامهون ٽِن نُقطن واري آئيڪن کي دٻايو۔
نمبر 9 . لسٽ مان ڊليٽ جي آپشن کي دٻايو. ويب سائيٽ مان بوڪ مارڪ ختم ٿي ويندو۔









