نمبر 1 . پنهنجي فون تان توهان وائي فائي وسيلي انٽرنيٽ سان رابطو قائم ڪري سگهو ٿا چاهي اهو توهان جو ذاتي هجي يا عوامي. عوامي وائي فائي سروس اسڪول، ريلوي اسٽيشن، يا آفيسن ۾ ٿي سگهي ٿي پر ڪجھ جاين تي وائي فائي مفت هوندو آهي ۽ ڪٿي نه. نوٽ؛ وائي فائي ذريعي فون تان رابطو ڪرڻ لاء اوهان کي پاس ورڊ جي ضرورت پوندي آهي.

نمبر 2 . سيٽنگ جي آئيڪن کي دٻايو

نمبر 3 . نيٽ ورڪ ۽ انٽرنيٽ تي دٻايو

نمبر 4 . وائي فائي آپشن لاء ٽوگل جي آئيڪن کي دٻايو

نمبر 5 . نيٽ ورڪ جي هڪ لسٽ ڏسڻ ۾ ايندي. گهربل نيٽ ورڪ تي دٻايو

نمبر 6 . پاس ورڊ ٽائپ ڪريو ۽ ڪنيڪٽ جي بٽڻ کي دٻايو