نمبر 1 . اوهان گوگل، جي ميل ايپ جي وسيلي پنهنجي اي ميل موڪلي ۽ حاصل ڪري سگهو ٿا۔
نمبر 3 . پهريون دفعو اڪائونٽ کولڻ لاء نئون اڪائونٽ ٺاهيو جي نشان کي دٻايو
نمبر 4 . پنهنجي نالي جو پهريون ۽ آخري حرف يا ذات، ڏنل جاء تي لکو ۽ اڳيان جي نشان کي دٻايو۔
نمبر 5 . پنهنجي ڄمڻ جو ڏينهن، مهينو ۽ سال ۽ اِهو به لکو ته اوهان مرد آهيو يا عورت. هاڻي اڳيان جي نشان کي دٻايو۔
نمبر 6 . اوهان کي گوگل اڪائونٽ استعمال ڪرڻ جي لاء هڪ نالو يا يوزر نيم رکڻو پوندو، اوهان جي نالي جي پهرين ۽ آخري لفظ سان ٺاهيل نالي ۾ نواڻ هجي يعني اوهان کان سواء ڪنهن ٻي جو نه هجي. اِهو نالو رکڻ کان پوءِ اڳيان جي نشان کي دٻايو۔
نمبر 1 . جيڪڏهن اوهان جو نالو پهرين ڪنهن ٻي جو آهي ته جي ميل اوهان کي ٻڌائيندو ۽ ڪجھ ٻيا نالا تجويز ڪندو. انهن نالن مان ڪنهن هڪ نالي جي چونڊ ڪريو يا پنهنجو نالو پاڻ بدلايو۔ نوٽ؛ اوهان جيڪو نالو رکيو آهي اهو تڏهن مڃو ويندو جڏهن ان کان پهرين ڪنهن نه رکيو هجي. ان نالي کي نرالو بڻائڻ لاء ان ۾ ڪجھ نمبر به لڳائي سگهو ٿا.مثال طور جيئن، sughafta92, noreen1986
نمبر 1 . هڪ پاسورڊ به ٺاهيو ۽ ان کي ڏنل جاء تي لکو ۔ نوٽ؛ ان ڳالھ کي يقيني بڻايو ته اوهان جو پاسورڊ عام طور استعمال ٿيندڙ لفظ ناهي، اِهو ڪجھ اکرن يا تعداد سان ٺهي سگهي ٿو. پنهنجو پاسورڊ ٻي کي نه ٻڌايو اِهو اوهان جي حفاظت جي لاء ضروري آهي، ۔