نمبر 1 . فون کي هلائڻ يا بند ڪرڻ جو بٽڻ عام طور تي توهان جي سمارٽ فون جي ساڄي يا کاٻي پاسي هوندو آهي.
نمبر 2 . پنهنجي فون کي هلائڻ يا آن ڪرڻ لاءِ آن/آف جي بٽڻ کي ڪجهه دير لاءِ دٻايو. ٿوري دير کانپوءِ فون جي اسڪرين تي روشني اچي ويندي.
نمبر 3 . فون کي بند ڪرڻ لاءِ آن / آف جي بٽڻ کي ڪجه سيڪنڊن لاءِ دٻايو. نوٽ؛ سمارٽ فون اوهان کان پُڇي سگهي ٿو ته فون بند ڪرڻو آهي. جڏهن ته ڪجھ فون اهڙا هوندا آهن جن ۾ بند ڪرڻ کان سواءِ ڪيترا ئي ٻيا آپشن ايندا آهن. جيڪڏهن فون بند ڪرڻو آهي ته بند ڪرڻ جي آپشن کي دٻايو.



