نمبر 1 . توهان جي فون ۾ هڪ خاص ايپ پلي اسٽور آهي، جنهن کي توهان ايپ جي بازار سمجهو، جتان هر قسم جون ايپس ملي وينديون. ۔ نوٽ ؛ ڪجهه ايپس مفت ۾ ڊائون لود ڪري سگهجن ٿيون ۽ ڪجهه جي لاءِ پئيسا لڳندا آهن ۔
نمبر 2 . پلي اسٽور ايپ تي دٻايو
نمبر 3 . جيڪا ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻي آهي ان جو نالو سرچ فيلڊ ۾ لکو، مثال نوڪري ۽ ڳولهڻ جي نشان کي دٻايو ۔
نمبر 4 . توهان جي سامهون ايپس جي فهرست ايندي، جيڪا ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ چاهيو ٿا ان کي دٻايو _ جيڪڏهن ايپ جو نالو لکڻ ۾ ڪا غلطي هوندي يا انهي نالي سان ڪا ايپ موجود نه هوندي، ته توهان کي ڪو نتيجو نه ملندو
نمبر 5 . ۔ ايپ جي باري ۾ تفصيلي ڄاڻ ڏسڻ ۾ ايندي، ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ انسٽال جي نشان کي دٻايو ۔
نمبر 6 . ايپ ڊائون لوڊ ٿيڻ شروع ٿي ويندي _ توهان ڏسي سگهندا ته ڪيتري ڊائون لوڊ ٿي آهي ۔
نمبر 7 . ايپ ڊائون لوڊ ٿيڻ کان پوءِ توهان جي فون ۾ ان جو نشان ٺهي ويندو _ ۔ نوٽ ؛ ڊائون لوڊ ايپ کي اوهان پنهنجي فون ۾ ڳولهي سگهو ٿا ۔
نمبر 8 . ايپ کولڻ جي لاءِ اُن کي دٻايو ۔
نمبر 9 . ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي ڊيٽا گُهربل هوندي آهي، تنهن ڪري اهڙي ڪا به ايپ ڊائون لوڊ نه ڪريو، جيڪا غير ضروري هجي _ جيڪڏهن اوهان وٽ وائي فائي جي سهولت آهي ته ان سان ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ بهتر رهندو ۔









