نمبر 1 . توهان انٽرنيٽ تان ڪنهن به فائل کي فون ۾ محفوظ ڪري سگهو ٿا. ۔ نوٽ؛ اُن کي فائل کي ڊائون لوڊ ڪرڻ به چيو ويندو آهي۔
نمبر 2 . انٽرنيٽ تان ڪنهن فوٽو يعني اِميج کي محفوظ ڪرڻ لاء فوٽو کي ڪجھ دير لاءِ دٻائي رکو۔
نمبر 3 . ان لاء مختلف طريقن جي فهرست سامهون ايندي. فوٽو کي ڊائون لوڊ ڪرڻ واري نشان کي دٻايو۔
نمبر 4 . توهان ڏسندا ته فوٽو ڊائون لوڊ ٿي رهيو آهي،اِهو لکيل ڏسڻ ۾ ايندو. ان جو مطلب آهي ته فائل محفوظ ٿي رهيو آهي، پورو ٿيئڻ کان پوء فوٽو ڏسڻ لاء فون ۾ کوليو جي نشان کي دٻايو. ۔
نمبر 5 . ڊائون لوڊ ٿيل سمورا فوٽو ڏسڻ لاء گيلري ايپ ۾ فولڊر آئيڪن کي دٻايو۔
نمبر 6 . ڊائون لوڊ فولڊر کي دٻايو۔
نمبر 7 . سمورا فوٽو جيڪي ڊائون لوڊ ٿيل آهن اُهي هِتي ڏسڻ ۾ ايندا۔







