نمبر 1 . اي ميل موڪلڻ جا پئسا نٿا لڳن پر توهان جي موبائيل جي ڪجهه ڊيٽا ضرور خرچ ٿئي ٿي۔
نمبر 2 . جي ميل ايپ کي دٻايو ۔
نمبر 3 . گوگل اڪائونٽ جو نالو ٽائيپ ڪريو ۽ پاسورڊ لڳائي کوليو ۽ اڳيان وڃو جي نشان کي دٻايو ۔ نوٽ ؛ جيڪڏهن توهان پهرين کان ڳنڍيل آهيو ته پاڻمُرادو اڳيان وڌي ويندا۔
نمبر 4 . لکڻ لاءِ پينسل جي نشان کي دٻايو ۔
نمبر 5 . جنهن ماڻهو کي اي ميل موڪلڻي آهي ان جي اي ميل ايڊريس موڪلڻ واري جاءِ تي لکو هڪ کان وڌيڪ اي ميل ايڊريس اي ميل موڪلڻ واري جاءِ تي لکي سگهجن ٿيون ۔
نمبر 6 . اي ميل ۾ عنوان لاءِ ڏنل جاءِ تي عنوان لکو ته جيئن وصول ڪرڻ وارو ڏسي سگهي ته اي ميل ڇا جي باري ۾ آهي . ۔
نمبر 7 . اي ميل لکڻ جي جاءِ تي پيغام لکو جيڪو موڪلڻو آهي . ۔ موڪليل اي ميل جيڪڏهن مينيو ۾ موڪلڻ واري فولڊر ۾ نظر اچي ته ان جو مطلب آهي ته اي ميل موڪلي وئي آهي. ۔
نمبر 8 . جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري اوهان جي جي ميل بند ٿي وڃي ٿي ته توهان جو پيغام اڻپوري اي ميل فولڊر ۾ هوندو. انهي فولڊر ۾ وڃڻ لاء مينيو جي نشان کي دٻايو۔
نمبر 9 . پهريان اڻپوري اي ميل کي دٻايو ۽ پوء اُنهي اي ميل کي جنهن کي پورو ڪرڻ چاهيو ٿا۔