نمبر 1 . سمارٽ فون سان توهان فوٽو به ڪڍي سگهو ٿا ۔
نمبر 2 . ڪئيمرا ايپ کي دٻايو ۔
نمبر 3 . جنهن جو فوٽو ڪڍڻو هُجي ان تي ڪئيمرا کي فوڪس ڪريو، پوءِ شٽر جي نشان کي دٻايو، فوٽو ڪڍڻ وقت اڪثر ڪري فون مان آواز ايندو آهي ۔
نمبر 4 . توهان فوٽو کي فوري طور ڏسي به سگهو ٿا، ان لاءِ ٿمب نيل جي نشان کي دٻائڻو پوندو ۔
نمبر 5 . جيڪڏهن فوٽو کي ختم يا ڊليٽ ڪرڻ چاهيو ٿا ته فون ۾ ٺهيل ڪچري جي دٻي/ڊسٽ بن جي نشان کي دٻايو ۔
نمبر 6 . جيڪڏهن اوهان وڌيڪ فوٽو ڪڍڻ چاهيو ٿا ته پوئتي جي نشان کي ڇُهندي واپس ڪئيمرا تي وڃو ۔






