نمبر 1 . توهان جي فون تي ڪجھه اهم آئيڪن هوندا آهن جن بابت ڄاڻڻ ضروري آهي. نوٽ ؛ انهن آئيڪن جي جاءِ مختلف فونن ۾ جدا جدا ٿي سگهي ٿي. دڪاندار کان پُڇو ته توهان جي فون جي بنيادي ڪمن جي باري ۾ آگاھ ڪري.
نمبر 2 . مینو : مينيو کي کولڻ لاءِ فون جي اسڪرين تي هيٺ کان مٿي آڱر ڦيريو يا سوائيپ ڪريو. توهان کي توهان جي فون جون سموريون ايپس نظر اينديون. نوٽ؛ ڪجهه فونن ۾ مينيو جو بٽڻ به موجود هوندو آهي.
نمبر 3 . ايڪٽو ايپ يعني جيڪا ايپ اوهان جي فون ۾ استعمال ۾ آهي اهو نشان ٿوري دير تائين دٻائي رکو ته اهي سموريون ايپس ڏسڻ ۾ اينديون جيڪي استعمال ۾ آهن.
نمبر 4 ڪا به ايپ جيڪا استعمال ۾ آهي ان کي بند ڪرڻو هجي ته ايپ جي X اسڪرين هيٺين کان مٿين پاسي سوائيپ ڪريو يا جيڪڏهن ڪراس جو بٽڻ موجود هجي ته ان کي دٻايو. نوٽ ؛ جيڪا ايپ استعمال ۾ آهي ان کي ڪجهه دير جي لاءِ بند ڪندا رهو نه ته فون سُست ٿي ويندو.
نمبر 5 . واپس؛ انهي آئيڪن کي دٻائڻ سان توهان پهرين صُفحي/ايپ يا اُن ڪم تي پُهچي ويندئو جيڪو اوهين ڪري رهيا هُئا.
نمبر 6 . هوم ؛ انهي آئيڪن تي دٻائڻ سان توهان واپس هوم اسڪرين تي هليا ويندئو.






