نمبر 1 . گوگل ميپ هڪ خاص ايپ آهي جنهن سان اوهان ڪنهن ايڊريس ۽ جاء کي ڳولهي سگهو ٿا. ميپس ايپ کي دٻايو اهيو ڌيان رکو ته توهان انٽرنيٽ سان ڳنڍيل هجو۔
نمبر 2 . پهريون ڀيرو جڏهن توهان گوگل ميپس کي دٻائيندا ته گوگل پڇندو ته لوڪيشن سروسز شروع ڪيون وڃن اوڪي جي نشان کي دٻايو۔ نوٽ؛ اوهان سيٽنگ ۾ وڃي لوڪيشن کي دٻائي ان کي هلائي يا بند ڪري سگهو ٿا. لوڪيشن جي سروس هلائڻ تي اوهان جي ڊيٽا خرچ ٿيندي۔
نمبر 3 . ڳولهڻ واري پٽي ۾ جاء جو نالو يا ايڊريس لکو جيڪا توهان چاهيو ٿا جهڙوڪ فيصل مسجد ۽ ڳولهڻ جي نشان کي دٻايو۔ نوٽ؛ هڪ ننڍڙو بليو دائرو ٻڌائيندو ته هينئر توهان ڪٿي آهيو۔
نمبر 4 . گوگل ايڊريس ڳولهي نقشي جي ان حصي کي وڌائي ڇڏيندو ۽ اتي هڪ ڳاڙهي رنگ جي پِن ڏسڻ ۾ ايندي.۔ ڊائريڪشن جي بٽڻ کي دٻايو ۽ سفر جي نوعيت جي چونڊ ڪريو، گوگل توهان کي اتي پهچڻ ۾ لڳندڙ وقت ۽ ان جاء جو فاصلو ڪلوميٽرن ۾ ڏيکاريندو. ۔
نمبر 5 . جيڪڏهن اتي پهچڻ جا ٻيا رستا آهن ته اهي رستا سرمئي رنگ ۾ نظر ايندا جنهن رستي تان توهان وڃڻ چاهيو ٿا ان کي دٻايو۔
نمبر 6 . گوگل ميپ اهيو به ڏيکاريندو ته اوهان جيڪو رستو چونڊيو آهي ان رستي تي ڪيتري ٽريفڪ آهي۔
نمبر 7 . شروع ڪرڻ جي نشان کي دٻايو گوگل ميپ اوهان کي رستو ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيندو۔
نمبر 8 . ڪڏهن ڪڏهن گوگل ميپ غلطيون ڪري سگهي ٿو يا ڏيکاريل رستو صحيح نٿو ٿي سگهي، ان لاء سفر ڪرڻ وقت ڌيان رکو. ۔








