نمبر 1 : توهان پنهنجي اسڪرين کي لاڪ ڪري سگهو ٿا ته جيئن غلطي سان ڪا ايپ نه کُلي وڃي يا ڪا ڪال نه لڳي وڃي.
نمبر 2 : پنهنجي فون کي لاڪ ڪرڻ لاءِ سيٽننگ کي دٻايو.
نمبر 3 : پرسنل جي آپشن کي استعمال ڪندي سيڪيورٽي کي دٻايو.
نمبر 4 : سيڪيورٽي جي آپشن کي استعمال ڪندي اسڪرين لاڪ کي دٻايو.
نمبر 5 : هاڻي لاڪ اسڪرين مينيو ۾ وڃي ‘سوائيپ‘ جي آپشن کي دٻايو
نمبر 6 : هاڻي توهان جو فون لاڪ ٿي ويو آهي. فون کي اَن لاڪ ڪرڻ لاءِ اسڪرين تي آڱر سان ‘سوائيپ ‘ ڪريو ۽ پنهنجو فون استعمال ڪريو.
نمبر 7 : فون ۾ ٻيا لاڪ آپشن به آهن جهڙوڪ پئٽرن، پِن ۽ پاسورڊ. توهان سيٽننگ ۾ وڃي لاڪ تبديل ڪري سگهو ٿا. پوري ڄاڻ لاءِ پنهنجي فون جو مينيول ڏسو.







