نمبر 1 . جيڪڏهن اوهان آواز وسيلي ڳولھا ڪرڻ چاهيو ٿا ته گوگل سرچ بار تي مائيڪرو فون جي آئيڪن کي دٻايو.
نمبر 2 . پنهنجي فون کي وات جي ويجهو آڻي جيڪو ڳولھڻ چاهيو ٿا اهي لفظ صاف چئو. مثال پاڪستان يا ڪپڙن جون ڊيزائنون وغيره. نوٽ؛ جيڪڏهن اهڙي جاء تي هجو جتي گوڙ هجي جيئن ٽريفڪ جو گوڙ، مختلف ماڻهن جا آواز ته ڳولھا متاثر ٿي سگهي ٿي.
نمبر 3 . ڪنهن موضوع جي ڳولھا ڪرڻ لاء برائوز ۾ ڪيتريون ئي ويب سائيٽون ڏسڻ ۾ اينديون
نمبر 4 . ڪنهن به ويب سائيٽ کي کولڻ لاء بليو رنگ جي لنڪ کي دٻايو. نوٽ؛ آواز وسيلي ڳولھا هاڻي انگريزي ۽ اردو ٻولي ۾ پڻ موجود آهي.