نمبر 1 . جيڪڏهن توهان جي سمارٽ فون ۾ سامهون اسڪرين تي ڪئيمرا آهي ته پوءِ اوهان پنهنجو فوٽو ڪڍي سگهو ٿا، جنهن کي سيلفي چئبو آهي ۔
نمبر 2 . ڪئيمرا ايپ کي دٻايو ۔
نمبر 3 . ڪئيمرا کي اُٿلائڻ واري نشان کي دٻايو، اوهان پنهنجي پاڻ کي اسڪرين تي ڏسي سگهندا ۔ نوٽ ؛ اُهو نشان ۽ ان جي جاءِ مختلف فونن ۾ جدا هوندي آهي، مهرباني ڪري پنهنجي فون سان گڏ مليل ڪتاب يعني مينيول کي پڙهو ته جيئن توهان ڄاڻي سگهو ته اهو نشان توهان جي فون ۾ ڪٿي آهي ۔
نمبر 4 . شٽر جي نشان کي دٻايو_ ۔ فوٽو ڪڍڻ وقت اڪثر فونن مان ڪجهه آواز ايندا آهن ۔
نمبر 5 . جيڪڏهن اوهان پنهنجي تصوير کي ختم ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪچري جي دٻي/ڊسٽ بِن جي نشان کي دٻايو _





