نمبر 1 . ڪنهن به ايپ کي فون مان هميشه لاءِ ختم ڪرڻو هجي ته اُن کي ان انسٽال ڪرڻو هوندو آهي ۔
نمبر 2 . مينيو کولڻ لاءِ پنهنجي فون جي اسڪرين تي آڱر کي مٿين پاسي سوائيپ ڪريو جنهن ايپ کي توهان کي ان اِنسٽال ڪرڻو هجي انهي نشان کي ٿوري دير تائين دٻايو ۔
نمبر 3 . فون پُڇندو، ان انسٽال ڪريان ؟ ان انسٽال جي نشان تي ايپ کي کڻي اچي ڇڏي ڏيو ۔
نمبر 4 . فون اوهان کان پڪ ڪندو _ اوڪي جي بٽڻ کي دٻائڻ سان ايپ هميشه جي لاءِ توهان جي فون مان ختم ٿي ويندي ۔ نوٽ ؛ جيڪڏهن اُها ئي ايپ اوهان ٻيهر آڻڻ چاهيو ٿا ته ان کي پلي اسٽور مان ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا ۔




