نمبر 1 . اوهان چاهيو ته پنهنجون وڊيوز يوٽيوب تي رکي سگهو ٿا ته جيئن ٻيا ماڻهو به ڏسي سگهن۔

نمبر 2 . يوٽيوب ايپ کي دٻايو۔ نوٽ؛ وڊيو رکڻ لاء جي ميل اڪائونٽ هجڻ ضروري آهي۔.

نمبر 3 . جي آئيڪن کي دٻايو+

نمبر 4 . وڊيو اپ لوڊ ڪرڻ جي نشان کي دٻايو۔

نمبر 5 . گيلري مان اها وڊيو چونڊيو جيڪا اوهان اپلوڊ ڪرڻ چاهيو ٿا۔

نمبر 6 . يوٽيوب توهان کي وڊيو پلي ڪري ڏيکاريندو. نيڪسٽ جي آئيڪن کي دٻايو۔

نمبر 7 . وڊيو کي هڪ نالو ڏيو ۽ جيڪڏهن چاهيو ته ان بابت ڄاڻ به ڏئي سگهو ٿا ان لاء جاء به ڏنل آهي. پرائيويسي ايريا کي دٻايو۔

نمبر 8 . اوهان جن ماڻهن کي وڊيو ڏيکارڻ چاهيو ٿا انهن جا نالا فهرست مان چونڊي وٺو۔

نمبر 9 . جيڪڏهن توهان جي وڊيو ٻارن جي لاء ٺاهي وئي هجي ته ها جي آپشن کي چونڊيوٻي صورت ۾ نه جي آپشن کي دٻايو ۽ اپلوڊ جي بٽڻ کي دٻايو۔

نمبر 10 . توهان جي وڊيو اپلوڊ ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي. توهان پنهنجي وڊيو کي ڏسي سگهو ٿا ته مڪمل اپلوڊ ٿيڻ ۾ باقي ڪيترو وقت گهربل آهي. يوٽيوب تي وڊيو اپلوڊ ڪرڻ ۾ ڪافي وقت لڳي سگهي ٿو اهو ان جي سائز ۽ توهان جي انٽرنيٽ جي رفتار تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن وڊيو اپلوڊ ڪرڻ وقت ڪنيڪشن ڪٽجي وڃي ٿو ته وڊيو اپلوڊ ڪرڻ وارو ڪم متاثر ٿي سگهي ٿو. يوٽيوب تي وڊيو اپلوڊ ڪرڻ سان توهان جي موبائل جي ڊيٽا تمام گهڻي خرچ ٿئي ٿي۔

نمبر 11 . اوهان پنهنجو اڪائونٽ کولي ڪنهن به وقت وڊيوز ڏسي سگهو ٿا ان لاء اوهان کي لائبريري سيڪشن ۾ وڃڻو پوندو ۽ منهنجون وڊيوز جي نشان کي دٻائڻو پوندو۔