نمبر 1 . توهان يوٽيوب وڊيو کي محفوظ ڪري سگهو ٿا ته جيئن ٻيهر ڏسي سگهو جڏهن توهان وٽ انٽرنيٽ ڪنيڪشن نه هجي ۔
نمبر 2 . وڊيو کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڊائون لوڊ جي آئيڪن کي دٻايو ۔
نمبر 3 . پلي بيڪ ڪواليٽي کي دٻايو جنهن وڊيو کي محفوظ ڪرڻ چاهيو ٿا ۔ نوٽ ؛ وڌيڪ ڪواليٽي وارين وڊيوز ۾ وڌيڪ ڊيٽا استعمال ٿيندي آهي ۽ محفوظ ٿيڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳندو آهي ۔
نمبر 4 . جڏهن ڊائون لوڊنگ پوري ٿي ويندي ته توهان کي هڪ پيغام ڏسڻ ۾ ايندو ته توهان جي گهربل وڊيو محفوظ ٿي وئي آهي _ ڊائون لوڊ جو نشان ٽِڪ مارڪ ۾ بدلجي ويندو جنهن جو مطلب آهي ته وڊيو ڊائون لوڊ ٿي چُڪي آهي
نمبر 5 . ڊائون لوڊ ٿيل وڊيوز کي آف لائين ڏسڻ لاءِ لائيبريري جي آئيڪن کي دٻايو ۔
نمبر 6 . پنهنجي محفوظ ڪيل وڊيوز جي فهرست ڏسڻ لاءِ ڊائون لوڊ جي آپشن کي دٻايو ۔